حضرت سچل سرمست عظيم شاعر و مفڪر

حضرت سچل سرمست عظيم شاعر و مفڪر

حضرت سچل سرمست عظيم شاعر و مفڪر

حضرت سچل سرمست عظيم شاعر و مفڪر (ڪتاب): مشهور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق، سچل سرمست جي شخصيت ۽ فڪر بابت مختلف عالمن ۽ اديبن جي اردوءَ ۾ لکيل مقالن کي ترتيب ڏئي، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران جولاءِ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مقدمو مرتب جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌي زبان جي هيٺين عالمن جا مقالا شامل آهن:
(1) سـچـل، تـاريــخ، تـصــوف اور شـعـر: پـروفيـسـر ڪـرار حسين، (2) سچل سرمست کي اردو اور فارسي شاعري: نسيم امروهوي، (3) شـاعـر حق نوا، سـچـل سـرمسـت: پـروفيـســر آفـاق صديقي، (4) حضرت سچل سرمست بحيثيت سـرائيڪـي صــوفـي شـاعــر: جــاويـد احـسن، (5) سچل سرمست: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، (6) سنڌ ڪي سرمست: شيخ عبدالرزاق راز، (7) سچل وحدت ڪي پيامير: شفيع محمد علوي، (8) سچل ڪا اردو ڪلام: احسان احمد بدوي، (9) سچل سرمست ڪي سرائيڪي شاعري: صديق طاهر، (10) سچل سرمست ڪـي مـثنـوي وحـدت نـامه اجـمـالـي جـائـزه: پـروفيـسر ابراهـيــم خـلـيـل، (11) سچل عظيم شاعر و مفڪر: قـاضـي عـلـي اڪـبـر درازي ۽ (12) سچل ڪلاسڪ: شمشير الحيدري.
ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو